اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي وچ ۾ ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه روايتي گرمجوشي ۽ دوستي جي ماحول ۾ ٿي جيڪا پاڪ چين لاڳاپن جي سڃاڻپ آهي. وزيراعظم چين جي حڪومت ۽ عوام سان 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪڌي دهشتگرد حملي تي تعزيت جو اظهار ڪيو جنهن ۾ ٽي چيني اسڪالرز پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا هئا. وزيراعظم متاثرين جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزياعظم دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ ان ڏوهاري فعل ڪندڙ ماڻهن کي پ??ڙڻ ۽ انهن کي اسان جي قانونن موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ مڪمل جاچ جي لاءِ پاڪستان جي پ??ي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان اقتصادي ??نصوبن ۽ ادارن تي پاڪستان ۾ ڪندڙ سمورن چيني شهرين جي تحفظ ۽ سلامتي کي انتهائي اه??يت ڏي ٿو. وزيراعظم چين جي وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته سندس حڪومت پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي وزيراعظم ٻطرفن معاملن تي پ?? تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪ??و ته پاڪستان ۽ چين پنهنجي آزمايل ۽ هر قسم جي حالتن ۾ جاري رهندڙ اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏيندا. وزيراعظم پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ قومي ترقي جي لاءِ چين جي ڀرپور حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ بنيادي ??فاد جي سمورن معاملن تي چين جي حڪومت جي اڻٿڪ حمايت کي ورجايو. وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي ??نگهه (سي پيڪ) تحت جاري ۽ نئين منصوبن کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي پ??ي عزم جي توثيق ڪئي جن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ تمام گهڻو تعاون ڪيو. وزيراعظم خصوصي اقتصادي زونز (ايس اي ڊيز) کي جلد کان جلد مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ چين جي حصيداري جو ذڪر ڪندي ??زيراعظم انهن چيني عملدارن جي تجربي مان سکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جن پنهنجي صوبن ۾ ايس اي ڊيز قائم ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ايم ايل ون منصوبي سميت ٻنهي ملڪن جي لاءِ اسٽريٽجڪ اه??يت رکندڙ منصوبن لاءِ چين سان گڏجي نئين جوش ۽ ولولي سان ڪم ڪرڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف عوام سان عوام جي رابطن تي زور ڏيندي چيني وزيراعظم کي پاڪستاني شاگردن جي خاندانن جي جذبن کان پڻ آگاهه ڪيو جيڪي پنهنجي تعليم ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ چين واپس وڃڻ جا خواهشمند هئا. وزيراعظم لي خاطري ڪرائي ته چين اقتصادي تعاون وڌائڻ، واپار کي سگهه ڏيڻ ۽ چين مان پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ ان خيال جو اظهار ڪيو ته چين هر طرح جي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي اه?? مفادن سان گڏوگڏ تغير پذير علائقائي ۽ عالمي ماحول جي ڏس ۾ امن ۽ استحڪام جي وسيع تر مفادن لاءِ جاري رهڻ گهرجي، ان مقصد جي لاءِ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ رابطن کي وڌائڻ تي اتفاق ڪ??و.