اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه مان دريافت ٿيندڙ گئس جي ذخيرن مان عوام کي گئس جي فوري فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان فوجي فائونڊيشن گروپ جي چيئرمين وقار احمد ملڪ ۽ ماڙي پيٽروليم جي سربراهه فهيم حيدر ملاقات ڪئي. پيٽروليم وارو مملڪتي وزير سينيٽر ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ پيٽروليم وارو سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻ?? جي لاءِ اڳوڻي قبائلي علائقن مان دريافت ٿيل گئس فوري طور تي عوام کي فراهم ڪر?? جي منظوري ڏني. خيبرپختونخواهه جي علائقي بنون مان 10 کرب ڪيوبڪ فٽ گئس جا ذخيرا دريافت ٿيا هئا. وزيراعظم اهي ذخيرا عوام کي گئس جي کوٽ مان ڇوٽڪارو ڏيار?? جي لاءِ استعمال ۾ آڻ?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي اتر وزيرستان، بنون ۾ نئين دريافت ٿيندڙ ذخيرن بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي گئس جي شعبي جي مجموعي صورتحال، طلب ۽ پهچ کا?? آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل علائقن جي عوام کي به دريافت ٿيل گئس جا ثمر فراهم ڪرڻ ۽ علائقي جي ترقي، سماجي ڀلائي، تعليم، صحت جي حوالي سان سفارشون پيش ڪر?? جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته کيس آگاهه ڪيو وڃي ته جن علائقن مان گئس نڪتي آهي اتان جي عوام ۽ ٻارن کي ڇا ملندو.