اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) فنانشل ايڪشن ??اسڪ فورس 13 -17 جون تائين برلن ۾ ٿيندڙ پنهنجي اجلاسن ۾ ايف اي ٽي ايف ايڪشن ??لانز تي پاڪستان جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايف اي ٽي ايف پاڪستان جي ٻنهي ايڪشن ??لانز (2018ع ۽ 2021ع) جي تڪميل کي تس??يم ڪيو آهي ۽ هڪ آن سائٽ دوري جي جازت ڏني آ??ي، ايف اي ٽي ايف جي ميمبرن پاڪستان جي اڳڀرائي تي بحث ۾ حصو وٺندي پاڪستان جي 34 آئٽمز تي مشتمل ٻئي ايڪشن ??لان مڪمل ڪرڻ ۽ خاص طور تي رڪارڊ مدي ۾ 2021ع جي ايڪشن ??لان جي جلد تڪميل تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ڪووڊ 19 جي وبا سميت ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود ان ايڪشن ??لانز جي ڪامياب تڪميل لاءِ پنهنجُون اڻٿڪ ڪوششون جاري رکيُون. بيان موجب پاڪستان ايف اي ٽي ايف ايڪشن ??لانز جي لاڳو دوران سي ايف ٽي/اي ايم ايل ڊومين ۾ تمام گهڻو معاملن جو احاطو ڪيو آهي، ايف اي ٽي ايف سان رابطا پاڪستان ۾ هڪ مضبوط سي ايف ٽي/ اي ايم ايل فريم ورڪ جي ترقي جو باعث بڻيا ??هن ۽ ان جي نتيجي ۾ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي نظام ۾ بهتري آئي آ??ي، پاڪستاني وفد برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي مڪمل اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير/ايف اي ٽي ايف بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چيئرپرسن حنا رباني کر ڪئي.