اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڀارت سان سخت احتجاج ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب اسلام آباد ۾ ڀارت جي ناظم الامور کي ج??عي ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو ۽ پاڪستان حڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي واضح طور تي رد ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو جيڪي عالمي قانونن، ??ڏيل قومن جي چارٽر ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سان گڏوگڏ تڪراري ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قرارادن جي خلاف ورزي آهي. ناظم الامور کي ڀارت پاران ??الاري علائقي ج?? عالمي طور تي مڃيل تڪراري حيثيت کي هڪطرفي طور تي تبديل ڪرڻ ۽ وحشياڻي فوجي قبضي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ کنيل ناجائز قدمن تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو. واضح رهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي ٽي سال گذري وڃڻ کانپوءِ به والاريل علائقي ج?? سخت هٿياربند فوجي گهيراءُ ۾ ڪا گهٽتائي ناهي آئي ۽ انساني حقن جي صورتحال بدستور خراب ٿيندي پئي وڃي. والاريل ڪشمير ۾ عدالت کان ??ٿانهين قتل، نظربنديون، ??رفتاريون، جعلي ڪيس ۽ سخت قانون ۽ بوگس ٽرائلز هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. پاڪستان ??ام نهاد تڪ بندي ڪميشن جي رپورٽ کي واضح طور تي رد ڪرڻ کي پڻ ورجايو. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڀارت جعلي چونڊ سڌارن جي آڙ ۾ هڪطرفي طور تي والاريل ڪشمير جي آبادياتي ساخت کي تبديل نه ٿو ڪري سگهي. ناظم الامور کي پاڪستان جي ان ??طالبي کي ياد ڪرايو ويو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قمن کي واپس وٺي، فوري طور تي والاريل ڪشمير ۾ پنهنجو غيرانساني فوجي گهيراءُ ختم ڪري، والاريل علائقي ج?? آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني قدمن کي روڪڻ سميت جعلي مقابلن، ??هيراءُ ۽ تلاشي ج?? ڪاررواين ۾ ڪشميري نوجوانن جو عدالت کان ??ٿانهون قتل بند ڪري، غيرقانوني طور تي نظربند ڪشميري نوجوانن ۽ سياسي قيادت کي آزاد ڪري ۽ حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي فرضي الزامن تحت ٻڌايل عمرقيد جي سزا ۽ سمورن هٿ ٺوڪين ڪيسن کي واپس ورتو وڃي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ ڪشمير مان 9 لک قابض فوجين جو انخل عمل ۾ آڻي ۽ ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي ريفرنڊم ذريعي ناقابل تنسيخ خودمختياري ج?? حق کي استعمال ڪرڻ ڏي ج??هن جو حق انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي.