اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڪرغزستان ??ي نائب پرڏيهي وزير ارتڪ بائيو ايبڪ مختاروچ ملاقات ڪئي. ملاقا?? ۾ ??ڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪرغزستان ??اريخ ۽ ثقافت جي انمول رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، پاڪستان ??و سامونڊي رستو وچ ايشيائي رياستن جي واپار ۾ فروغ جي لاءِ وڌيڪ معاون ثابت ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۽ ڪرغزستان ??ي واپار ۾ وڌيڪ فروغ جي لاءِ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪرغزستان ۾ هزارين پاڪستاني شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، ??وامي سطح تي رابطن کي سياحتي ۽ ثقافتي ڏس ۾ وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي.