اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پا??ستان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي. هو نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پا??ستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديلي درپيش آهي. تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ عالمي برادري کي پا??ستان سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ستان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، اهو منهنجي دل جي ويجهو آهي. پا??ستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. دهشتگردي جي ڪري پا??ستان کي تمام گهڻي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام گهڻيون مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن. هن چيو ته هو عالمي برادري کي ان مشڪل صورتحال ۾ پا??ستان جي مدد لاءِ متحرڪ ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته تازي ٻوڏ کانپوءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن بشمول پا??ستان جي هٿيار??ند فوج متاثرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي، انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪيو ۽ خوراڪ ۽ پناهه فراهم ڪئي. ٻوڏ سان پا??ستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. اسان جي آڏو تمام وڏو چئلينج آهي. هن مشڪل صورتحال ۾ مدد ڪندڙ مختلف ملڪن ۽ ادارن جا ٿورا مڃون ٿا. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا پا??ستان جي دوري تي ٿورا مڃيا. سيڪريٽري جنرل کي ان مقوعي تي پا??ستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تب??هي?? ۽ هڪومت پاران متاثرين جي مدد جي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي.