ڪراچي – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيو ليڪ ٿيڻ جي واقعن کي ڳڻتي جوڳو رجحان قرار ڏيندي چيو ته نجي ڳالهه ٻولهه جو ليڪ ٿيڻ ”غيبت“ جي زمري ۾ اچي ٿو جنهن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، هر شخص جي رازداري هڪ امانت آهي جنهن کي برقرار رکڻ گهرجي، نجي ڳالهه ٻولهه يا تب??ري کي ليڪ ڪرڻ ۽ جعلي خبرون پکيڙڻ غيراخلاقي آهي ۽ ان سان معاشري ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. صدر ميڊيا جي نمائ??دن سان ڳالهائيندي چيو ته اس??ن جي معاشري کي غيبت ۽ جعلي خبرن جو مسئلو درپيش آهي جيڪو عام طور تي ڪنهن واقعي کي حوالو ۽ حقيقت کان هٽي ڪري بيان ڪرڻ بابت آهي. هن چيو ته اس??ن کي پاڻ ڊسپلين جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن جي نجي ڳالهه ٻولهه ۾ دلچسپي نه وٺون جيڪو اڪثر ماڻهن ۽ ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي خرابي جو سبب بڻجي وڃي ٿو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي ڦهلاءُ جي ڪري معلومات جي ليڪ ٿيڻ ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته 95 سيڪڙو سوشل ميڊيا ڪارائتي معلومات ۽ اطلاعات فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته رڳو 5 سيڪڙو سوشل ميڊيا مبينا جعلي خبرن ۾ ملوث سمجهي وڃي ٿي. هن چيو ته سوشل ميڊيا کي ضروري معلومات ۽ علم جي لاءِ اس??عمال ڪرڻ گهرجي. هن سياسي حريفن سان خاص طور تي عوامي پليٽ فارم تي مهذب رويي تي پڻ زور ڏنو. هن زور ڏنو ته سياستدان قوم کي فڪري طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فڪري قوت اس??ن جي ملڪ کي گهٽ کان گهٽ مدي ۾ مضبوط بڻائي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته رابطن جي کوٽ، بدعنوان ۽ اقرباپروري اهي برايون آهن جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر قوم کي مناسب قدم کڻڻ گهرجن. صدر چيو ته دنيا سائبر سيڪيورٽي ۾ اهم ايجادون ۽ اڳڀرائي ڪئي آهي جيڪو ڪنهن به قوم جي حفاظت ۽ سلامتي جي لاءِ هڪ اهم شعبو بڻجي ويو آهي، پاڪستان کي اس??حڪام ۽ ترقي جو بنياد رکڻ جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ فيصلائتا ۽ پرعزم قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ شروع کان ئي ڪرپشن جو تاثر موجود رهيو آهي جڏهن ته ڌرين جي ملي ڀڳت جي ڪري وائٽ ڪالر ڪرائيمز جي ڪيسن ثابت ڪرڻ مشڪل ڪم بڻجي ويو آهي. صدر چيو ته هن نيب ترميمي بل کي بنا صحيحن جي ان ڪمنٽ سان واپس ڪيو ته وائٽ ڪالر ڪرائم ۾ دولت جمع ڪرڻ کي ثابت ڪرڻ جي ذميواري اسلام سان گڏوگڏ برطانيا ۽ سوئٽزرلينڊ جهڙن ملڪن جي ڪيترن ئي قانونن ۾ به جوابدار تي آهي. هن چيو ته هو پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ڌرين کي مناسب سطح تي مشاورت، ڳالهه ٻولهه جي جمهوري طريقن جي ذريعي ويجهو آڻڻ جي ??وش?? ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ هڪ نازڪ معاشي صورتحال جهڙا ڪجهه حقيقي مسئلا درپيش آهن جنهن جي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ مقصد تي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حڪومت، ادارا، سول ۽ ملٽري ۽ ٻيون ڌريون سمورن دستياب وسيلن کي اس??عمال ۾ آڻيندي گلوبل وارمنگ جي ڪري ايندڙ سپر فلڊ جي متاثرينجي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. ??ن امداد جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ جي لاءِ فول پروف نظام قائم ڪرڻ ۽ چوري روڪڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??ن اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت پاران قرضن ۾ رعايت حاصل ڪرڻ جهڙيون ??وش??ون ڪارائتيون ثابت ٿينديون جنهن سان امدادي ??وش??ن ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ تب??هه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي لاءِ وسيلا فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر اين جي اوز، سول سوسائٽي ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي امداد جي لاءِ دل کولي عطيو ڏيڻ جي اپيل کي پڻ ورجايو. هن چيو ته اس??ن کي شهري دفاع جي تربيتي پروگرامن کي بحال ڪرڻ گهرجي ۽ گرلز اينڊ بوائي اسڪائوٽس ۽ اهڙي طرح جي ٻين تنظيمن کي فعال ڪندي انهن جي تربيت جو اهتمام ڪرڻ گهرجي، ماڻهن کي آفتن کان بچاءُ جي طريقن کان آگاهه ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي هر طرح جي آفت جي صورت ۾ متاثرين کي فوري ابتدائي طبي امداد جي فراهمي سان گڏوگڏ انتظاميا جي معاونت ڪرڻ جي قابل ٿي سگهن.