اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حقيقت کان هٽي ڪ??ي بيانن کي پيش ڪرڻ اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال جو سبب بڻجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۾ شايع/ نشر ٿيندڙ انهن خبرن جو سخت نوٽيس ورتو آهي جن ۾ سومر ڏينهن ”آج“ ٽي وي جي اينڪر عاصمه شيرازي سان انٽرويو دوران ”سائفر“ جي حوالي سان صدر جي بيان کي مڪمل طور تي حقيقت کان هٽي ڪ??ي پيش ڪيو ويو. پنهنجي انٽرويو ۾ صدر واضح طور تي چيو هو ته کيس سازش بابت شڪ آهي ‘suspicion’ آهي جڏهن ته ان جو حتمي فيصلو مڪمل جاچ کانپوءِ ئي ڪ??ي سگهجي ٿو. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ کان وٺي هيستائين ان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ ان خط ۾ هن سپريم ڪورٽ کي معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪ??ڻ جي درخواست ڪئي هئي ڇو ته کيس پڪو يقين آهي ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. صدر ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ ان لاءِ نه موڪليو هو ته کيس سازش بابت ڪو شڪ نه هو، پر ان لاءِ ته اهو معاملو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم پاران اٿاريو ويو هو، تنهن ڪري سمورن دستياب واقعات?? ثبوتن سميت پوري معاملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ان حقيقت کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته سائفر جا قومي سطح تي اثر پيا ۽ ان جي ڪ??ي سياسي هلچل پيدا ٿي. ان لاءِ هن سپريم ڪورٽ کي پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل ڊيمارش کان هٽي ڪ??ي به غيرجانبداراڻي انڪوائري جي درخواست ڪئي. اها بدقسمتي جي ڳ??لهه آهي ته صدر جي لفظن کي هڪ انتهائي سنجيده معاملي تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو جنهن سان سنگين اثر پيا. صدر پارليامينٽ ۾ ۽ ان کانسواءِ به ڪيترائي ڀيرا ”حقيقت کان هٽي ڪ??ي“ تصويرڪشي جي اثر بابت ڳالهه ڪري ??ڪو آهي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪ??ي پيش ڪيل بيان اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.