اسلا?? آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ متحده جي وفد وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. متحده قومي موومينٽ پاڪستان جو ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي قيادت ?? وفد ۾ سامونڊي معام??ن وا??و وفاقي وزير فيصل سبزواري، سنڌ جو گورنر محمد ڪامران خان ٽيسوري ۽ وس??م اختر شامل هئا. ان موقعي تي اقتصادي معام??ن وا??و وفاقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي گه??و وزير راڻا ثناءُ الله ۽ ريلوي ۽ هوابازي وا??و وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا.