اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ، عدليه، حڪومت ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلن جي ??شاندهي ۽ حل جي ??اءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ مالي استحڪام آڻڻ جي ??اءِ عزم ۽ صلاحيت سان مسئلا حل ڪرڻا پوندا، سياسي ۽ جمهوري عمل جي خلاف اٿندڙ آوازن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هر گذرندڙ ڏينهن سان برقرار ۽ مضبوط ٿيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??يوان صدر ۾ سڄي ملڪ جي 54 چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ۾ عورت چيمبرز آف ڪامرس، سمال اينڊ ميڊيم چيمبرز اف ڪامرس، اپٽما، پاڪستان پولٽري ايسوسيئيشن ۽ استاڪ ايڪسچينج جا نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، سرحد ۽ راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس ۽ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جا نمائندا به موجود هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان جي ??عاشي صورتحال جي ڏس ۾ سمورين سياسي ڌرين جي اتفاق راءِ سان عام چونڊون منعقد ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هڪ مڪمل نمائنده حڪومت جي چونڊ ڪري سگهجي جيڪا اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل فراهم ڪري. صدر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون هڪ اهم فيصلو آهي جنهن سان ملڪ کي پنهنجي ??الي ۽ اقتصادي مشڪلاتن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته عوامي مينڊيٽ رکندڙ نمائنده حڪومت ئي پاڪستان جي عوام کي مشڪل فيصلن تي رضامند ڪري سگهي ٿي. صدر ملڪ ۾ سياسي استحڪام کي مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي ??اءِ بنيادي ۽ اهم ترين عنصر قرار ڏنو ۽ سمورين سياسي ڌرين تي زور ڏنو ته اهي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي ??اءِ متفقه تاريخ جي تعين جي ??اءِ فوري طور تي ڳالهيون ۽ غور فڪر شروع ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جي ارادي کي ساراهيو ۽ سياسي قوتن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل طور تي ان موقعي مان فائدو کڻن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جمهوري طريقيڪار ??و سهارو وٺن ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گا??زن ڪن. صدر چيو ته ملڪ جو گهڻو درآمدي بل توانائي جي ??يداوار ۽ چرپر جي ??اءِ استعمال ٿيندڙ پيٽروليم مصنوعات تي ٻڌل آهي، توانائي، پاڻي ۽ گئس جي بچت جي ??ڪ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪري ان لاڳت کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ??و. هن واپار ۽ صنعت کي گرين توانائي طرف منتقل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نه رڳو درآمدي بل کي گهٽ ڪري سگهجي ??ر ماحوليات کي به محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي ??با تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي ??اءِ صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪيا ۽ سمورين ڌرين جي ??وس ڪوششن جي ذريعي وبائي مرض کي موثر انداز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو طريقو اختيار ڪري اسان سياسي، اقتصادي ۽ مالياتي محاذن تي قوم کي درپيش مسئلن جي ??شاندهي ڪندي انهن کي حل ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته وومين چيمبرز آف ڪامرس کي عورت انٽرپرينيورز ۽ اسٽارٽ اپس کي قيادت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو ڪا??وبار ??روع ڪرڻ ۽ قائم ڪرڻ جي ??اءِ بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ بئنڪن قرضن جي ??اءِ درخواست ڏيندڙ ع??رتن کي 100 سيڪڙو قرض فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي پر بدقسمتي سان عورتن پاران مختص قرضن مان رڳو 5 سيڪڙو ئي حاصل ڪيو ويو. هن ميٽا پاران شروع ڪيل هنرمندي جي تربيتي پروگرامن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن عورتن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب مهارت حاصل ڪرڻ ۽ انهن جي ??صنوعات ۽ خدمتن کي آن لائين وڪرو ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته ملڪ ۾ خاص طور تي هيٺئين سطح تي ڪاٽيج انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪا??وباري برادري تي زور ڏنو ته ڪم ڪندڙ ع??رتن کي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جي ??احول جي ??راهمي، عورتن جي ??رڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي مالياتي طور تي بااختيار ??ڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، خصوصي ماڻهن جي ??اءِ روزگار ??ا موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙن صحت جي ??سئلن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول جي ??ظام ۾ آڻڻ جي ڪوششن ۾ پڻ ڪا??وباري برادري جي ??عال شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ ٻارن جي ??رائمري اسڪولن ۾ داخلا جي شرح جي ??ايوس ڪندڙ صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو عالمي بئنڪ جي تازه ترين رپورٽ موجب پاڪستان ۾ رڳو 68 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اها هڪ سنگين صورتحال آهي ۽ ڪا??وباري برادري سميت سمورين ڌرين کي ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ فيصلائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واپاري برادري جي تجويزن تي تبصرو ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي ??رسٽ قانونن ۾ ترميمن جي ضرورت آهي ته جيئن ٽرسٽ جي رجسٽريشن ۽ آپريشن کي آسان بڻائي سگهجي جنهن سان ملڪ ۾ ڪا??وبار ??ي فروغ ۾ مدد ملندي. هن موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ??اءِ ڪا??وباري برادري کي درپيش مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ جلد مشاورتي عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن واپاري برادري جي ??يڪس، امپورٽ ڪليئرنس ۽ لائنز آف ڪريڊٽ کولڻ جي حوالي سان مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملي. ملاقات دوران واپاري برادري جي ??مائندن ملڪ جي ??عاشي صورتحال جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ موجوده مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي ??اءِ حل تجويز ڪيو.