اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وز??راعظم آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وز??راعظم کي قطر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وز??راعظم محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي مبا??ڪب??د ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪر?? تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وز??راعظم انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪر?? جي اهميت تي زور ڏنو. وز??راعظم ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪر?? جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خطي ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ قطر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.