اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز شريف اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينه?? جي دوري تي گوجرانوالا رواني ٿيندي، جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. تنظيمي ڪنوينشن غلام حسين پارڪ جي ٽي روڊ گوجرانوالا ۾ ٿيندو. جاري بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز شريف جي صدارت ۾ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن گوجرانوالا ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا م??ام?? صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچ?? ۽ ??ارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مريم نواز شريف سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز شريف پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دور?? جي شروعات ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا ۽ بهاولپور ڊ??يز?? جا دورا ڪري چڪي آهي.