اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گذريل ٽن سالن ۾ پاڪستان جي اقتصادي صورتحال تبديل ٿي وئي آهي ۽ ان کي عالمي سطح تي پڻ ساراهيو پيو وڃي، ناڻي واڌ جي شرح ۾ مسلسل گهٽتائي جو رج??ان آهي، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ??خيرا 24 ارب ڊالر کان مٿي ٿي چڪا آهن. هن اها ڳالهه چيني سيڙپڪار ڪمپنين جي ڪنسو??يش?? جي وفد سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم وفد جو شاندار استقبال ڪندي چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان مضبوط ٿيندڙ سدابهار دوستي ۽ تعاون تي چين جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سي پيڪ هڪ گيم چينجر آهي جيڪو خطي جي اربين ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ وڃي رهيو آهي.