چنگ ڊائو-24 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغ??ري چين جي شهر چنگ ڊائو ۾ رٿيل ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ وزاتي ڪانفرنس جي موقعي تي ايران جي هم منصب عباس علي آبادي سان ملاقات ڪئي ۽ توانائي جي حوالي سان سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. پاور ڊويزن مان جاري ??يا?? موجب ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير اويس احمد خان لغ??ري توانائي جي رٿائن جي اهميت تي زور ڀريندي چيو ته انهن سان رابطن ۽ واپار کي هٿي ملندي. ڌُرين خاص طور تي گوادر، بلوچستان ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اويس لغ??ري چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بجلي ??هرن جي آپريشن ۽ سنڀال ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. علائقائي ملڪن وچ ۾ توانائي جي بهتر رابطن جي ضرورت تي ڳالهائيندي ٻنهي وزيرن باقاعده رابطن ۽ اثرائتي ڪميونيڪيشن جي ضرورت کي پڻ ??جا??ر ڪيو. ٻنهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته بجلي ??هرن جو اثرائتو انتظام، توانائيءَ جي سپلاءِ کي برقرار رکڻ ۽ خطي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.