لاهور – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي ڪرونا وبا وڏو چئلينج آهي جڏهن قوم ان چئلينج مان نڪرندي ته هڪ مختلف قوم هوندي، ڪنهن کي به خوش فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي ته ڪرونا ڪنهن کي ڪجهه نه ڪندو، ايندڙ وقت جي اسان کي تياري ڪرڻ گهرجي، مشڪل وق?? ۾ ??نسان جي ايمان جو پتو پوي ٿو، هن مشڪل وق?? ۾ ??ڪومت تاريخ جو سڀ کان وڏو رليف پئڪيج ڏنو آهي، ڪنهن کي تجربو نه آهي ته ان وبا کي ڪهڙي طرح ڊيل ڪرڻو آهي، قوم احتياطي تدبيرون اختيار ڪري وبا تي ضابطو آڻي سگهي ٿي، ڪرونا ٽا??يگ?? فورس ۾ 6 لک ماڻهو رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪ??ونا جي خلاف منظم طريقي سان ڪم ٿي رهيو آهي، سرندي وارن جي تعاون تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هو گورنر هائوس ۾ ڪ??ونا رليف فنڊ ۽ راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.