اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ??عل??ٰ سطح جو اج??اس منعقد ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب اج??اس ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عب??سي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد اج??اس ۾ شرڪت ڪئي، اج??اس ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.