اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سول سوسائٽي جي وچ ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي مالي ۽ تعليمي شموليت هڪ ??ڏو چئلينج آهي ۽ ان مان سرخرو ٿيڻ سڄي معاشري جي گڏيل ذميداري آهي، خصوصي ماڻهن کي مارڪيٽ جي ضروتن موجب هنر ڏيڻ لاءِ خصوصي ??رب??تي ڪورس متعارف ڪرايا وڃن. هو خصوصي ماڻهن جي بحالي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪري ??هي?? هو. نيشنل اينڊ ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جي چيئرمين سيد جاويد حسين خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ صدر کي بريفنگ ڏني. صدر عارف علوي چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ مالي شموليت سان گڏوگڏ انهن کي مرڪزي تعليم جي نظام ۾ شامل ڪرڻو پو??دو.