اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجا?? کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 47 فوتگيون ٿيون جنهن مان 23 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن م??جب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 745 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 47 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪو??ڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان م??تان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 39 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??يڊ – 19 جا 35 هزار 839 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 535، پنجاب ۾ 15 هزار 304، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 543، اسلام آباد ۾ 5 هزار 777، بلوچستان ۾ 838، گلگت بلتستان ۾ 443، آزاد ڪشمير ۾ 399 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 82 هزار 771 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو??يڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪو??يڊ 19 جا 327 ??ريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪو??يڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 34 هزار 916 آهي.