اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ٽيڪس م??تسب جي اداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، شڪايتن ج?? ازالي لاءِ ايف بي آر سان رابطو وڌايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ٽيڪس م??تسب مشتاق احمد سکيرا سان ملاقات دوران ڪيو. وفاقي ٽيڪس م??تسب صدر کي سالياني رپورٽ سال 2020ع پيش ڪئي. صدر چيو ته ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي خلاف ٽيڪس ڏيندڙن کي وقت سر ۽ فوري رليف جي فراهمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ٽيڪس عملدارن جي خلاف عوامي شڪايتن ج?? ازالي لاءِ ٽيڪس م??تسب جي اهم ڪردار جي باري ۾ آگاهي ضروري آهي، هن چيو ته ٽيڪس م??تسب جي اداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس م??تسب ٽيڪسن ج?? وصولي بهتر بڻائڻ ۽ بي ضابطگيون گهٽ ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.