اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت تي فوري دادرسيءَ جي نتيجي ۾ راولپنڊي جي ٻن بيواهه ڀينرن کي 22 سالن کانپوءِ وراثتي ملڪيت جو حق ملي ويو. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وراثت ۾ زمين تي قبضو ۽ وراثت جي ورڇ جي معاملي جي حوالي ??ان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي وزيراعظم عمران خان فوري نوٽيس ورتو.
ٻنهي بيواهه ڀينرن جي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شڪايت ۾ چيو ويو هو ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر روينيو بنا موقف ڄاڻڻ جي ان جي شڪايت کي خارج ڪيو تنهن ڪري ا??ان جي دادرسيءَ ڪئي وڃي. پي ايم ڊي يو موجب وزيراعظم پنجاب جي چيف سيڪريٽري کي ان حوالي ??ان انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي هئي ته راولپنڊي ڊويزن جي سمورن روينيو آفيسرن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. وزيراعظم جي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته اعليٰ آفيسر پنهنجي ماتحت آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن. راولپنڊي جي سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي ??پو??ٽ جلد وزيراعظم آفيس موڪلين. سرڪاري آفيسرن جي عوامي شڪايتن بابت ڊيش بورڊز جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي، آفيسر عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ٻئي طرف ٻن بيواهه ڀينرن تنظيم اختر ۽ تنوير سهراب پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته هي ڏينهن ا??ان جي لاءِ انتهائي خوشي جو ڏينهن آهي جڏهن 22 سالن جي جدوجهد کانپوءِ ا??ان کي ا??ان جو وراثتي حق مليو آهي، ان تي ا??ان الله تعاليٰ آڏ?? شڪراني جو سجدو ادا ڪريون ٿيون، وزيراعظم عمران خان جون ٿورائتيون آهيون ۽ ان جي لاءِ دعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ سندس حامي ۽ ناصر هجي.