اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏني آهي ۽ ان سان پاڪستان جي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جان جي قرباني ڏني ۽ پاڪستان جي معيشت کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، آمريڪا ۽ نيٽو فوجن جي شڪست جو الزام پاڪستان تي لڳائڻ ناانصافي آهي، آمريڪا اف??ان مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ڪنهن به ملڪ ڳالهي?? لاءِ طالبان تي پاڪستان کان وڌيڪ دٻاءُ نه وڌو، پاڪستان جي معيشت وڌيڪ اف??ان پناهگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي، پاڪستان اف??انستان ۾ امن جي لاءِ سهولتڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان اف??انستان ۾ ڪنهن به تڪرار جو حصو نه بڻجندو، اسان صرف امن جا حصيدار آهيون، جنسي تشدد ڪندڙ ماڻهو ئي ان ڏوهه جو واحد ذميدار هوندو آهي ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻجندڙ وارو قصور وار ناهي هوندو، آمريڪي نشرياتي اداري ”پي بي ايس“ کي انٽرويو ۾ وز??راعظم چيو ته آمريڪا ۽ نيٽو فوجن جي شڪست جو الزام پاڪستان تي لڳائڻ ناانصافي آهي، اف??انستان گذريل 40 سالن کان جنگ جي حالت ۾ آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا اف??ان پناهگيرن جي واپسي جي ڳالهه ڪئي آهي، پاڪستان ۽ اف??انستان جي وچ ۾ 1500 ميل ڊگهي سرحد آهي، اها ڪڏهن باقاعده سرحد نه هئي، ان کي ڊيورڊ لائن چيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ اف??انستان ٻنهي طرف ماڻهو آزاداڻي اچ وڃ ڪندا هئا، پاڪستان پهريون ڀيرو وڏي رقم خرچ ڪري خاردار تار لڳائي آهي، هڪ وقت اهڙو هو ته 50 مختلف هٿياربند گروپ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪري رهيا هئا، و??يراعظم عمران خان چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان جو ٿيو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستانين جان جي قرباني ڏني، ان جنگ سان پاڪستان جي معيشت کي 150 ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان جو ٿيو آهي، هن چيو ته امريڪا کي اڏا ڏيڻ سان پاڪستان وري دهشتگردي جو نشانو بڻجندو، پاڪستان امن ۾ حصيدار آهي ۽ هو تڪرار جو حصو نٿو بڻجي سگهي، پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي، پاڪستان اف??انستان ۾ ام?? لاءِ سهولتڪاري ڪري رهيو آهي، و??يراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان وڏي مشڪل سان خراب معاشي صورتحال مان نڪتا آهيون، دعاڳو آهيون ته اف??انستان جي عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري، هاڻي اڌ کان وڌيڪ اف??انستان طالبان جي ڪنٽرول ۾ آهي، و??يراعظم عمران خان چيو ته آمريڪا اف??ان مسئلي جو فوجي حل ڳولندو رهيو جيڪو ممڪن نه هو، جيتوڻيڪ آمريڪا اف??ان مسئلي جو حل ڪڍڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، اف??انستان جي تاريخ کان واقف آهي??ن، پهرين ئي چئي ڇڏيو هو ته اف??ان مسئلي جو فوجي حل نه آهي، مون کي پنهنجي بيان تي آمريڪا مخالف ۽ طالبان سان چيو ويو. هن چيو ته بدقسمتي سان آمريڪا ۽ نيٽو فوج ڳالهين جي صلاحيت وڃائي ويٺي، جڏهن اف??انستان ۾ ڏيڍ لک فوج هئي تڏهن سياسي حل جي ڪوشش ڪرڻ گهربي هئي، هاڻي اف??انستان ۾ خانه جنگي جا خدشا آهن، اف??انستان ۾ خانه جنگي سان پاڪستان به متاثر ٿيندو، اف??انستان ۾ خانه جنگي سان پاڪستان کي ٻيڻڻ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ اف??ان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ به پشتون وڏي تعداد ۾ آباد آهن، خدشو آهي ته خانه جنگي سان وڌيڪ پناهگير پاڪستان جو رخ ڪندا، پاڪستان جي معيشت وڌيڪ پناهگيرن جو بار نٿي کڻي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ آمريڪا سان شامل ٿي ته سڄي ملڪ ۾ خودڪش حملا ٿيا، نائين اليون حملن ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هو، نائن اليون ۽ نيويارڪ ۾ ٿيندڙ واقعي سان پاڪستان جو ڪو به تعلق نه هو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان جو ٿيو. خودڪش حملن سان واپار، سياحت جو شعبو بري طرح متاثر ٿيو، و??يراعظم عمران خان چيو ته آمريڪا اف??انستان مان نڪرڻ جي تاريخ ڏني ته طالبان سمجهيا ته هو کٽي چڪا آهن، هاڻي طالبان کي سياسي حل تي مجبور ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويو آهي، طالبان اف??انستان ۾ پاڻ کي فاتح تصور ڪندا آهن، دعاڳو آهيون ته اف??انستان جي عوام پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري، هاڻي اڌ کان وڌيڪ اف??انستان طالبان جي ڪنٽرول ۾ آهي، ڪنهن به ملڪ ڳالهين جي لاءِ طالبان تي پاڪستان کان وڌيڪ دٻاءُ نه وڌو، پاڪستان جو موقف واضح آهي، پاڪستان اف??انستان ۾ ام?? لاءِ سهولتڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن تڪرار جو حصو نٿو بڻجي سگهي، هن چيو ته اف??ان صدر اشرف غني کي چونڊن ۾ دير ڪرڻ گهربي هئي، و??يراعظم عمران خان چيو ته اسلام عورتن کي عزت ۽ احترام ڏي ٿو، عورتن جي حوالي سان منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، آئون پاڪستاني معاشري ۾ جنسي ڏوهن ۾ اضافي تي ڳالهه ڪري رهيو هئس، منهنجو مطلب معاشري ۾ برائي جي ترغيب کي گهٽ ڪرڻ هو، اسلام ۾ پردو صرف عورتن تائين محدود نه آهي، مردن جي لاءِ به پردي جو لحاظ ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته جنسي تشدد ڪندڙ ماڻهو ئي ان ڏوهه جو واحد ذميدار هوندو آهي ۽ جنسي تشدد جو نشانو بڻجندڙ قصوروار ناهي هوندو.