اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحريه ي??نيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ي??نيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه ي??نيورسٽي جي حوالي سان هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحريه ي??نيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل (ر) ڪليم شوڪت صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ صدر کي يونيورسٽي جي تعليمي سرگرمين، شعبن ۽ اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فروغ ??ي حوالي سان بحريه ي??نيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مارڪيٽ جي ضرورتن موجب گريجوئيٽس تيار ڪيا وڃن. صدر چيو ته ي??نيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪن. هن چيو ته ي??نيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.