اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطر??ن لاڳاپن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي و?? ۾ تاريخي ڀا??را??ا لاڳاپا ۽ ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪ جهڙن مذهبي ۽ ثقافتي قدرن جي بنياد تي قائم آهن. پرڏيهي وزير جولاءِ 2021ع ۾ ڪيل بحرين جي دوري دوران، بحريني قيادت سان ٿيندڙ ملاقاتن جو حوالو ڏيندي ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي، ٻطر??ن لاڳاپنج ي استحڪام جو مظهر آهي، پاڪستان بحرين سان ٻطر??ن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۾ مقرر بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ٻطر??ن لاڳاپن جي استحڪامل اءِ پنهنجي ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جو يقين ڏياريو. بحريني سفير منامه ڊائيلاگ جي ايندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دعوتنامو پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي پيش ڪيو.