اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قانونسازي جي ذريع?? محتسب جي اداري ۾ انقلابي تبديلين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ انتظامي ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي انصاف جي فراهمي لاءِ وفاق?? محتسب جي پهچ وڌائڻي پوندي. ايو??ن صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاق?? محتسب سيڪريٽريٽ جي دوري دوران اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر کي وفاق?? محتسب اعجاز احمد قريشي متاثر ماڻهن کي بنا معاوضي انصاف جي فراهمي جي ??وا??ي سان بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فوري انصاف جي فراهمي لاءِ قانونسازي جي مدد سان وفاق?? محتسب کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻو پوندو. صدر چيو ته بهتر طرز حڪمراني جي لاءِ ناانصافي ڪندڙ سرڪاري ادارن سان رابطا وڌائڻ سان گڏوگڏ وفاق?? محتسب جي خدمتن ۽ ڪردار بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وفاق?? محتسب جو ادارو متاثر ماڻهن کي مفت انصاف فراهم ڪري رهيو آهي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته اداري 2021ع ۾ 106732 شڪايتن کي اڪلايو جڏهن ته ان کي 110398 شڪايتون مليون، سال 2021ع ۾ 42 هزار کان وڌيڪ آن لائين شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي وئي، 92.7 سيڪڙو کان وڌيڪ هدايتن تي عملدرآمد ڪيو ويو ۽ 1.85 ارب رپين جي معاملن ۾ انصاف فراهم ڪيو ويو. وفاق?? محتسب صدر کي ضلعي ۽ ذيلي سطح تي انصاف جي فراهمي لاءِ پهچ وڌائڻ جي ??وا??ي سان پڻ بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڏورانهن علائقن جي ماڻهن جي سهولت لاءِ 14 علائقائي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو سهولتي ڊيسڪون قائم ڪيون ويون آهن جڏهن ته وفاق?? محتسب سيڪريٽريٽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ صوبائ?? محتسب کانسواءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ وفاق?? محتسب جي سيڪريٽري اعجاز احمد خان، صدارتي سيڪريٽريٽ جي ڪنسلٽنٽ (قانوني معاملا) جسٽس (ر) سيد زاهد حسين ۽ وفاق?? محتسب جي سينيئر صلاحارن پڻ شرڪت ڪئي.