ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ گرينڊ مسجد ۽ اسلامڪ سينٽر جو ??ورو ڪيو. وفاقي وزير ۽ وفد سان ميمبر وزيراعظم سا?? گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان ۽ گرينڊ مفتي جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ان مسجد جو ڪم گهڻو وقت اڳ شروع ٿيو ??ر ان کي 2014ع ۾ مڪمل ڪيو ??يو. هن چيو ته مون کي دوري دوران ٻڌايو ??يو آهي ته روس ۾ 2 هزار مسجدون آهن. وزيراعظم چيو ته منهنجي روس جي صدر ولادي مير پي??ٽن سان اسلامو فوبيا جي حوالي سان ٺوس ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن چيو ته روسي صدر جو نبي ڪريم ﷺ جي حوالي سان محبت جو ??ظهار قابل تحسين ڳالهه آهي. هن چيو ته صدر سان ملاقات دوران مون چيو ته اسان کي ان صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ گهرجي. بدقسمتي سان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اسلامو فوبيا جي حوالي سان نفرتون پيدا ٿ?? رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ان حوالي سان پوري ڪوشش ڪندو ته اولهندي ملڪن کي اسلام جي حوالي سان آگاهي ڏي ۽ ٻڌائي ته اسلام جو ??هشتگردي سان ڪو به واسطو نه آهي. هن چيو ته روس جي گرينڊ مسجد هڪ خوبصوت مسجد آهي.