اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ر??سي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ر??سي واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪ??ي سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته ر??س توانائي ??ي فراهمي جي حوالي سان دنيا جو هڪ وڏو ملڪ آهي، چاهيون ٿا ته ر??س پاڪستان ۾ توانائي ??ميت ٻين شعبن ۾ ڀرپو?? سيڙپڪاري ڪ??ي. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ خاص معاون چيو ته پاڪستان روسي عملدارن سان توانائي ۽ ٻين اقتصادي شعبن تي نتيجاخيز ڳالهيون ڪندو.