??سل??م آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شب برات عظيم ۽ فضيلت واري رات آهي، ان رات الله تعاليٰ پنهنجي بندن ??ي رحمت ۽ بخشش جا دروازا کوليندو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب شب برات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ??بِ برات جي مقدس رات جي موقعي تي پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف وڙهندڙ جوانن کي پنهنجي دعائن ۾ ضرور ياد رکي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان ??ي رحمتن ۽ برڪتن جو سايو سدائين برقرار رک?? ۽ ??لله پاڪستان جي حفاظت ڪر?? ۽ ??يندڙ سال ۾ ملڪ کي مصيبتن ۽ مسئلن کان محفوظ رکي.