اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان آسٽريا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان آسٽريا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان آسٽريا کي يورپي يونين جو اهم ملڪ سمجهي ٿو. شاهه محمود قريشي چيو ته دوري سان ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن ۾ مدد ملندي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته تازو ئي وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪارل نيهمر سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي گفتگو ڪئي، هن چيو ته پاڪس??ان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ اضافي جا وسيع ام??ان موجود آهن، آسٽريا جي ڪمپنين جي لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، سي پيڪ جي خصوصي اقتصادي زونز، آسٽريا جي سيڙپڪارن جي لاءِ پرڪشس مراعتن ۽ ٽيڪس جي چوٽ جي پيش نظر سيڙپڪاري جا پُرڪشش موقعا موجود آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان کي اميد آهي ته آسٽريا هن سا?? جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي چوٿين ٻه ساله جائزي ۾ پاڪس??ان جي حمايت جاري رکندو. پاڪس??ان ۽ آسٽريا جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي ۽ پيشيوراڻي شعبن ۾ مضبوط رابطا موجود آهن.