اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) ايوان صدر پاران اليڪشن ڪميش?? آف پاڪستان کي عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي حوالي سان خط موڪليو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خط ۾ اليڪشن ڪميشن کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 90 ڏينهن ا??در اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تاريخ ڏيڻ جو چيو ويو آهي، آئين جي آرٽيڪل 48 فائيو اي ۽ آرٽيڪل 224 (2) تحت صدر عام چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ مقرر ڪندو، خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي چونڊن لاءِ اسيمبلي جي تحليل جي 90 ڏينهن ا??در چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن، ??ام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ڪميشن سان مشاورت ضروري آهي.