لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??اجا پرويز اشرف چيو آهي ته هڪٻئي کي برداشت ??رڻ ۽ دليل سان ڳالهه ??رڻ ۾ ئي اسان جي بقا آهي، جيڪو به استعيفا ڏيندو سامهون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويندي ۽ اهو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آهي، پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت کي ڏسڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفارميشن سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??اجا پرويز اشرف پيپلزپارٽي جي وفد سان داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي دعا ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته هڪ آئيني ذميداري پوري ??رڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي سان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مون کي يقين آهي ته قوم آئين پاڪستان جي حفاظت ڪندي، اسان کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي گڏجي پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئين جي تقدس کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آ??ي جيڪو آئين سان گڏ نٿو هلي ان سان مُشڪلاتُون پيدا ٿينديون آهن، هر هڪ کي آئين پاڪستان جي پاسداري ??رڻ گهرجي، آئون هن وقت اسپيڪر ??هيان ۽ اسپيڪر ??موري هائوس جو اسپيڪر هوندو آهي، هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آهن ۽ جن استعيفائن تي شڪ آهي انهن کي ٻيهر چيڪ ??رڻ چاهيان ٿو، آئين پاڪستان ۾ ئي اسان جي ڀلائي آ??ي، آئين سان گڏ بيهڻو پوندو، يقين آهي ته پاڪستاني قوم آئين پاڪستان ۽ سمورن ادارن سان گڏ بيهندي، هن چيو ته آئين پاڪستان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي، 73ع جي آئين تي عمل وقت جي ضرورت آهي، اسپيڪر ??ي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط ب??ائ?? لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت سڀني ماڻهن کي آئين تي عملدرآمد ??رڻ گهرجي.