اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري سان اسلام آباد ۾ مقرر چيني ناظم الامور پانگ چن شوئي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب چيني ناظم الامور پرڏيهي وزير جو ??هد?? سنڀالڻ تي بلاول ??ٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري ۽ چين جي ناظم الامور پانگ چن شوئي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري چيو ته پاڪ چين دوستي دنيا ۾ پائيدار ۽ مسلسل لاڳاپن جو هڪ لازوال مثال آهي. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو منصوبو خطي ۾ واپاري عمل کي فروغ ڏيندو، پاڪستان دنيا جي سمورن ملڪن سان واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جو خواهشمند آهي.