انقره – 31 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيءَ پهچي ويو. انقره ايئرپورٽ پهچڻ تي وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ سندس وفد جو ترڪ دفاع واري وزير ۽ اعليٰ عملدارن شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزي??اع??م محمد شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، خاص معاون طارق فاطمي ۽ فهد حسين پڻ وزي??اع??م سان گڏ آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزي??اع??م شهباز شريف جو ترڪيءَ جو هي پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ ترڪيءَ پهچندو. دوري (31 مئي کان 2 جون 2022ع) دوران وزي??اع??م شهباز شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي (ون آن ون) ملاقات ٿيندي جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ صحافين کي گڏيل خطاب پڻ ڪندا. صدر اردوان وزي??اع??م جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه پڻ مل??ائي پئي وڃي. دوري دوران صدر اردوان ۽ وزي??اع??م شهباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان پڻ جاري ڪندا جيڪو ترڪيءَ پاڪستان جي وچ ۾ غيرمعمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي. ترڪيءَ جا پرڏيهي معاملا، واپار ۽ صحت وارا وزير پڻ دوري دوران وزي??اع??م سان ملاقات ڪندا. وزي??اع??م ترڪيءَ جي ناليوارن ڪاروباري شخصيتن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان پڻ تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪيءَ جي ڪاروباري برادري جي نمائنده تنظيم يونين آف چيمبرز ڪميوڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزي??اع??م جي مان ۾ آجياڻو ڏيندو. وزي??اع??م پاڪستان ترڪيءَ بزنس ڪائونسل فورم ۾ پڻ شرڪت ڪندو جنهن جو اهتمام ترڪ پرڏيهي معاشي لاڳاپا بورڊ (ڊي اي آئي ڪي) جي حصيداري سان ڪيو ويو آهي. وزي??اع??م انهن تقريبن دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. ناليواريون پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون پڻ منعقد ٿينديون.