اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي (وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرين سيڙپ??ار ڪمپنين خاص طور تي گوادر فري زون ?? سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هُن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ?? سيڙپڪاري بابت ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ڪيو.اجلاس ۾ وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، چوڌري سالڪ حُسين، احسن اقبال، خاص معاون طارق فاطمي ظفرالدين محمود ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزيراعظم ڪميٽي کي ڏهن ڏينهن اندر رپورٽ ۽ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته چيني سيڙپ??ار ڪمپنين کي ترجيحي ب??يا??ن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، چيني پورهيتن جي ويزا حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ ايندڙ سڀني رڪاوٽن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، چيني پورهيتن جي ويزا ?? سي پيڪ ۽ ٻين ڪمپنين جي پورهيتن جي فرق کي ختم ڪري ويزا جي طريقي کي آسان ۽ تيز بڻايو وڃي، اجلاس ۾ وزيراعظم کي توانائي، انفرااسٽرڪچر، ريلوي، پورٽ انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين منصوبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپنين جي باري ۾ تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ فوري طور هڪ کان 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، ان کانسواءِ انهن منصوبن سان نه ??ڳو 45 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر پاڪستان EASE OF DOING BUSINESS INDEX ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم فوري طور تي انهن منصوبن تي سيڙپڪاري بورڊ، منصوبابندي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي گڏيل تعاون سان هڪ جامع منصوبو جوڙڻ جي هدايت جاري ڪئي.