??سل??م آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي پهچائيندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽوز کي پنهنجي شهرن ۾ موجود ر??ڻ ۽ پنهنجي نالن ۽ نمبرز سان عوام جي سهولت ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تان واپس ??سل??م آباد پهچندي ئي سڄي ملڪ ۾ بجلي، رستن ۽ مواصلاتي نظام بابت ا??ف ڊبليو او ۽ ٻين ادارن جو نقصانن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي ت?? جاري ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ا??ف ڊبليو او ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس کي تازي صورتحال ۽ جاري بحالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.