اسلام آ??اد – 16 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) آمريڪا مان پاڪستان جي ٻوڏ ??تاثرين جي لاءِ انساني امداد جي سلسلي ۾ وڌيڪ ٻه امدادي اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پ??چي ويون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ مجموعي طور تي آمريڪا مان اهڙيون 20 اڏامون امدادي سامان کڻي پ??تيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان آمريڪا پاران انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪري ٿو.