اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي طلب ۽ پهچ تي ڪڙي نظر رکڻ ۽ صارفين کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ??رو??ي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي توانائ?? واري وزارت سرديءَ جيموسم ۾ بجلي جي طلب ۽ پهچ ۽ ٻارڻ جي ڪاٿن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي صارفين کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ??رو??ي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ان ڳالهه جي به هدايت ڪئي ته بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ درآمدي ٻارڻ تي گهٽ کان گهٽ دارومدار ڪيو وڃي ۽ مقامي وسيلن کي استعمال ڪري عوام کي سستي بجلي مهيا ڪئي وڃي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، ناڻ?? واري وفاقي وزير مح??د اسحاق ڊار، پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، توانائ?? واري وفاقي وزير انجنيئر خر?? دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، جنيد انور چوڌري ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.