سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪل جماعتي حر??ت ڪانفرنس جي اڳواڻن ۽ تنظيمن چيو آهي ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڇو ته ڀارت 1947ع ۾ ان ڏينهن ننڍي کنڊ جي و??ڇ جي اصول جون ڌڄيون اڏائيندي ۽ ڪشميرين جون خواهشون پائمال ڪندي ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪري ور??و هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حر??ت ڪانفرنس جي اڳواڻ فردوس احمد شاهه، زمروده حبيب، خادم حسين، سبط شبير، ياسمين راجا، ڊاڪٽر مصعب، مسلم ليگ ڄمون ۽ ڪشمير، پيپلز ليگ ڄمون ۽ ڪشمير پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو آزادي جي لاءِ پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندا. هن چيو ته هٺ ڌرمي جي ڪري ڄمون ۽ ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي گهيري وارو خطو بڻجي چڪو آهي.