اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو چهرو بي نقاب ٿي ويو آهي، عمران خان پنه??جي سياسي مفادن جي لاءِ سنگين راند کيڏي، قومي سلامتي کي خطري ۾ وڌو، پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي چوي ٿو ته آم??يڪي سازش واري ڳالهه ختم، ”اڄ امپورٽيڊ“ ۽ ”رجيم چينج“ جي ڪو??ن بيانن تان دستبردار ٿي ويو، عمران خان ائين نه هلندو، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فنانشل ٽائيمز کي انٽرويو تي پنه??جي ردعمل ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته عمران خان! آم??يڪي سازش جو بيانيو پٺتي وجهڻ سان ڳالهه ختم نه ٿيندي، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو، جنهن بيانني تي توهان پوري ملڪ ۾ انتشار ۽ ڪو?? پکيڙيو، جواب ڏيڻ کانسواءِ رڳو دستبرداري ڪافي نه آهي. هن چيو ته اڄ رڳو عمران کان سوال نه پر عمران جي ڳالهه تي يقين ڪندڙن ۽ ڪو??ي، ملڪي مفاد سان راند کيڏيند?? فارن فنڊيڊ فتني جي ڳالهه ٻڌندڙن جي لاءِ به سواليه نشان آهي. هن چيو ته پارليامينٽ، پاڪ فوج، ادارن کي غدار قرار ڏئي رڳو اهو چئي ڇڏڻ سان ڳالهه ختم نه ٿي ٿئي ته “it’s behind me and its over” ، ائين نه عمران خان! ائين نه آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي ڪو?? جي لاءِ آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، عمران خان ملڪ کي ستياناس ڪري اڄ آم??يڪي سازش جي بيانيي تان دستبردار ٿي ويو آهي، ڇا هن پنه??جي حامين کي پاگل ۽ رڍون ٻڪريون سمجهي رکيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان آم??يڪي سازش، امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم چينج جو بيانيو پٺتي ان لاءِ وڌو ڇو ته اهو ڪڏهن موجود ئي نه هو. عمران خان اڄ امپورٽيڊ حڪومت ۽ رجيم چينج جي ڪو??ي بيايي تان دستبردار ٿي ويو آهي. اڄ نام نهاد ”حقيقي آزادي“ جو اصل چهرو مڪمل طور تي بي نقاب ٿي ويو آهي. هن چيو ته عمران خان اقتدار جي لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي سنگين خطرن ۾ وڌو. عمران خان اقتدار جي هوس ۾ ملڪي مفادن سان سنگين راند کيڏي، چالون هليون. اقتدار جي هوس ۾ ملڪ ۽ قوم کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو. قوم کي ڪو?? سيکاري هاڻي چوي ٿو ته آم??يڪي سازش واري ڳالهه ختم؟ سپريم ڪورٽ کي اپيلون ڪندو رهيو ۽ هاڻي آم??يڪي سازش واري ڳالهه ختم؟ عمران خان پنهنجي ڪو?? سان نه رڳو قومي سلامتي کي خطري ۾ وڌو پر پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن کي پڻ تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي. عمران خان پنه??جي سياسي مفادن جي لاءِ ملڪي مفادن سان سنگين راند کيڏي.