اسلام آباد– 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ملڪ ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ لاءِ پنهنجي ڀرپور عزم کي ??رجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني انجنيئرز تي گذريل سال دهشتگ??د حملي جي فيصلي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان لاڳاپيل عدالت جي ٻڌايل فيصلي ۽ مقامي پوليس پاران جاري ڪيل تفصيل نوٽ ڪيا آهن. ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته جيتوڻيڪ مخصوص سوال لاڳاپيل عملدارن کي ??وڪلي سگهجن ٿا پر ان معاملي ۾ فعال جاچ، استغاثه ۽ فيصلي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر متاثرين جي گهرڀاتين سان گهري تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪارڪنن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي دشمن قوتون ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن.