شرم الشيخ – 16 نومبر(اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آه?? ته برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ گهڻي تباهي ٿي آه??. ملڪيتن کي شديد نقصان پهتو، انفراسٽرڪچر ۽ مواصلات جو نظام درهم برهم ٿي ويو آه??. شرم الش??خ ۾ ڪاپ -27 اجلاس جي موقعي تي پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي تباه ڪارين بابت بريفنگ ڏيندي هن چيو ته ٻوڏ سبب 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ۽ ڪيتريون قيمتي جانون ضائع ٿيون. وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ ٻڌايو ته متاثرن جي آباد ڪاري لاءِ رٿابندي ڪري ڇڏي آه??. اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي.