لاهور – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن لاهور هوائي اڏي تي ترڪيه ??ي لاءِ امدادي سامان روانو ڪندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب 100 ٽن امدادي سامان ترڪيه موڪليو پيو وڃي. ترڪيه جو فوجي جهاز امدادي سامان کڻي وڃڻ ??ي لاءِ لاهور پهچي ويو. ترڪيه جو فوجي جهاز 100 ٽن امدادي سامان کڻي وڃڻ جي گنجائش رکندڙ آهي. مجموعي طور تي جمعي تي 142 ٽن امدادي سامان ترڪيه موڪليو پيو وڃي. جڏهن ته 12 ٽن امدادي سامان ان کان اڳ پي آءِ اي جي 777 جهاز ذريعي لاهور کان ترڪيه اڳ ۾ ئي روانو ٿي چڪو آهي. 30 ٽن امدادي سامان پي آءِ اي جي خصوصي اڏام ذريعي اسل??م آباد کان ترڪيه روانو ٿي??دو. 40 ٽن سامان کڻي وڃڻ ??ي لاءِ ٻيو جهاز ترڪيه مان سڀاڻي پهچندو جيڪو وڌيڪ امدادي سامان کڻي ترڪيه روانو ٿي??دو.