اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي ??ينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته سينيٽ طرفان آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، اڄ درپيش معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ جو سبب هي آهي ته جمهوريت جو سفر اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويو، آئين تي ڌاڙو هڻن ۽ ان سان کيڏڻ جي ??جازت ڏيندڙن جا نالا سامهون اچڻ گهرجن. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ طرفان آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، سينيٽ هائوس آف فيڊريشن ۽ وفاق جو گهر آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پوري قوم کي سينيٽ جي ڪردار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته اجلاس جي پڄاڻي تي سينيٽ ۾ هڪ قرارداد جي منظوري ڏني وئي. مون هن قرارداد ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ سينيٽ سيڪريٽري کي پنهنجي ??رميم جمع ڪرائي، هن پنهنجي ??جويز ڪيل ترميم ميڊيا جي نمائندن کي پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هي ايوان سمورن فوجي ??مراڻي دورن جي مذمت ڪري ٿو جنهن ملڪ جو آئ??ن ٽوڙيو ۽ ان کي معطل ڪيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي عوام جي ??نيادي حقن تي ڌاڙو هنيو جڏهن ته پنهنجي ??لف کان منهن موڙيندي آمرن جي ??ير آئيني قدمن جي ??وثيق ڪندڙن جي ??ه مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته هي ڄاڻايل ترميم صرف منهنجي ??يالن نه پر پراڻي ۽ موجوده سينيٽرن جي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تعداد آئين کي ٽوڙيندڙ ۽ ملڪ جي ??قدير سان کيڏيندڙن خلاف ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اڄ اسان جنهن معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ تائين پهتا آهيون هي سڄو ڪجهه ان سبب ٿي رهيو آهي ته جمهوريت جو سفر اڳتي نه وڌڻ ڏنو ويو. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته سينيٽ کي 50 سال مڪمل ٿي ويا، انهن 50 سالن ۾ ضياءُ الحق جي ??ور ۾ سينيٽ ۾ رنڊڪ به آئي، ڪيترن ئي ميمبرن چيو ته جنهن آئين سازي ڪئي ۽ آئين جي ??حفظ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن جي ??اراهه ڪرڻ گهرجي ۽ جن ماڻهن آئين کي ٽوڙيو انهن جي مذمت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي افسوس آهي ته سينيٽ جي متفقه قرارداد ۾ منهنجي ??رميم شامل نه ڪئي وئي ۽ ان قراداد ۾ ڪيترن ئي ميمبرن جي ??حساسن ۽ جذبن جي پوري طرح ترجماني ناهي ٿي.