اسلام آباد- 16 مارچ (اي پي پي) موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چ??و آهي ته ڪوبه آئين ۽ قانو?? کان مٿاهون ناهي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ جو پارليامينٽ جو اختيار آهي، اسان کي ا??تس??ب، اتحاد ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ جي 50هين سالگره جي موقعي تي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چ??و ته ايوان ۾ موجود سمورين شخصيتن کي گولڊن جوبلي مبارڪ هجي، اها تقريب سينيٽ چيئرمين جو قابل تحسين قدم آهي. هيءَ تقريب جمهوري قدرن جي حوالي سان اهميت وارو آهي. سينيٽ وفاق جي علامت آهي جنهن ۾ سمورن صوبائي اڪائين جي نمائندگي شامل آهي. پ پ ان آئين جي خالق آهي، هي آئين مشڪل حالتن ۾ ملڪي استحڪام جو ضامن رهيو، ان ۾ مساوات جي اصول تي عمل ڪيو ويو. هن چ??و ته سمورين سياسي اختلافن باوجود پارليامينٽ خاص ڪري سينيٽ بهترين ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري ره??و آهي، اسان کي عملي قدمن ذريعي سياسي قدرن تي عمل ڪرڻ گهرجي. اسان کي سينيٽ جي عزت ۽ احترام ۾ واڌ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، مستقبل ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. سينيٽر شيري رحمان چ??و ته موسمياتي تبديلي بين الاقوامي مسئلو آهي، اسان آئين جو احترام ڪريون ٿا، ان ۾ چيو و??و آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ته ائين ئي هئڻ گهرجي. ڪوبه آئين ۽ قانو?? کان مٿاهون ناهي، ڪنهن کي عدليه ۽ ادارن کي نشانو بنائڻ نه گهرجي. آئين ۽ قانون جو احترام ڪرڻ گهرجي، آئين ۾ ترميم ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. هن چ??و ته شهيد بينظير ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي گرفتار ڪيو ويو، شهيد بينظير ڀٽو پارليامينٽ جو هميشه احترام ڪيو، اسان کي ا??تس??ب، اتحاد ۽ گورننس ۾ بهتريءَ لاءِ عزم ڪرڻ جي ضرورت آهي.