اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ??ڪستان پيپلزپارٽي ڳالهين جي س??اس?? تي يقين رکي ٿي، ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊن جا حامي آهيون، هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صو??ن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اتحادي پارٽيون پارليامينٽ جي فيصلي سان گڏ بيٺل آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، عد??لتي حڪم جي باوجود عمران خان جي دور ۾ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرايون ويون. هن چيو ته پ??ڪستان پيپلزپارٽي جو موقف آهي ته چونڊون پنهنجي وقت تي ٿيڻ گهرجن، اسان ڪالهه به ون يونٽ جي خلاف هئاسين اڄ به آهيون. پرڏيهي وز??ر واضح ڪيو ته هڪ صوبي ۾ اڳ ۾ چونڊون ٻين صو??ن جي چونڊ نتيجن تي اثرانداز ٿينديون.