اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبرن ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو. هنن چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کانپوءِ ??اڻي ميثاقِ م??يش?? جي ضرورت آهي. سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي ملڪ جي م??يش?? جي بحالي ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ ??ڌيڪ رقم رکي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کان پوءِ ??اڻي ميثاقِ م??يش?? جي ضرورت آهي. آءِ ??ي جو شعبو تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. ان تي سيلز ٽيڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس گهٽ ٿيڻ گهرجي. تڪرارن ۽ ٽيڪسن جي مسئلن جي حل لاءِ 2 رڪني ڪميٽي بنائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائيءَ جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سولر انرجي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ شمسي توانائي جي اوزارن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر فدا محمد چيو ته ملڪ هن وقت مسئلن ۾ گهيريل آهي، سياسي وابستگين سان مٿاهون ٿي ملڪ جي م??يش?? جي بحالي ۽ معاشي بحران کان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. هن چيو ته ايوان جو تقدس ضروري آهي. تعليم، صحت جي لاءِ ??نڊ گهٽ آهن ان ۾ واڌ ڪئي وڃي. سينيٽر عبدالقادر چيو ته ملڪ کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ ??اضيءَ ۾ سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن ها. ماضيءَ ۾ ملڪي استحڪام بدران پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ??يصلا ڪيا ويا. ڪرپشن، بدانتظامي ۽ بجلي جي چوريءَ کي ڪنٽرول ڪريون ته گردشي قرضا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. معاشي استحڪام لاءِ ??اليسيون بنائڻيون پونديون. ڊالر جي قيمت وڌڻ سان معاشي بحران وڌي ويو. آءِ ايم ايف سان معاملا طئي نه ٿيا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ??ي ۽ دوائن ج?? روانگي واپار تي توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ آئينده 10 سالن ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالرن تائين هئڻ گهرجي. ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ ??ڌيڪ فنڊز رکيا وڃن.