اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي دوري تي پيرس پهچي ويو. پيرس ايئرپورٽ تي پاڪستاني سفير، اعليٰ فرانسيسي عملدارن ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وزيراعظم ??و شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پنهنجي فرانس جي دوري جي دوران گلوبل فنانسنگ پيڪٽ جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. فرانس جي ميز??ان?? ۾ ٿيندڙ ان سربراهي اجلاس ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جا ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن. وفاقي وزير شيري رحمان، سردار اياز صادق، مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم ??ان اعليٰ سطحي وفد ۾ گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم فرانسيسي صدر پاران ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران مختلف ملڪن جي سربراهن سا?? ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.