اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر خواجه عمرا?? نذير جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد ??لا??ات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب ??لا??ات ۾ موجوده سياسي ص??رت??ال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد پنجاب جي نوجوانن کي ليپ ٽاپ اسڪيم جي ذريعي علم حاصل ڪرڻ ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ملڪ خاص طور تي پنجاب جي آبادگارن ۽ نوجوانن جي لاءِ مختلف ترقياتي منصوبن جي منظوري تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.