اسلام آباد – 30 ??? ج??ن (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني حڪومت جي دعوت تي پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ??وجب پرڏيهي وزير جو دورو جاپان سان گهڻي وقفي کانپوءِ قيادت جي سطح تي رابطن جي بحالي جو اشارو ڏي ٿو. پرڏيهي وزير دوري دوران ??نهنجي جاپاني هم منصب يوشيما ساحياشي سان ??فدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي وزير جاپان جي وزيراعظم فوميو ڪيشيدا سان ??ڻ م??اق??ت ڪندو. هو جاپان جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ٽيڪيو اڪيبا سان ??ڻ م??اق??ت ڪندو. پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ خطاب ڪندو جيڪا جاپان جي هڪ مشهور ٿنڪ ٽينڪ آهي. پاڪستان ۽ جاپان جا ڊگهي عرصي کان ??اڳاپا قائم آهن جن جي خصوصيت گرمجوشي، دوستي ۽ مسئلن تي هڪ جهڙا خيال آهي. پرڏيهي وزير جي جاپان ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي درآمد بابت ناليوارن بزنس هائوسز ۽ ادارن جي نمائندگي ڪندڙ سينيئر عملدارن ۽ اي??زيڪيوٽوز سان ڳالهه ٻولهه پڻ متوقع آهي.