منيٰ-30 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر طلحه محمود معلم ضيوف البيت اس??مه دانش کي طلب ڪري انتظامن جي حوالي سان حج پانڌيئڙن جي خدشن کان آگاهه ڪيو. رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن تي لاڳاپيل معلم سامهون خدشا رکيا. حج پانڌيئڙن کي منيٰ، عرفات ۽ مزدلفه ۾ پيش مسئلن جي معاملي تي وفاقي وزير طلحه محمود سيڪريٽري مذهبي معاملا، سعوديه ۾ مقرر ??اڪ??تاني سفير ۽ ڊي جي حج سان گڏ حجاج ڪرام سان ملاقاتون ڪيون. وفاقي وزير حجاج ڪرام جي مسئلن کي ٻُڌي معلم ضيوف البيت اس??مه دانش کي طلب ڪيو. طلحه محمود حجاج ڪرام سان گڏ معلم کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو. معلم ۽ حجاج سان گڏ مختلف ڪيمپس جو دؤرو ڪيو. وفاقي وزير رهائش، خوراڪ، واش رومز سميت ٻين معاملن سميت معلم آڏو خدشا رکيا. طلحه محمود چيو ته ??اڪ??تاني عزت ۽ محبت وارا ماڻهو آهن. منيٰ ۾ ??اڪ??تانين جي عزت نفس کي مجروح ڪيو ويو. ??اڪ??تاني حج پانڏيئڙن کي منيٰ ۾ رهائش، کاڌي بابت شديد خدشا آهن. مان ??اڪ??تانين جو نمائندو آهيان، ??اڪ??تان جي حج پانڌيئڙن کي درپيش مشڪلاتن سان شديد ڏُک ٿيو آهي. طلحه محمود معلم کي هدايت ڪئي ته هو ??اڪ??تاني حج پانڌيئڙن کي منيٰ ۾ رهائش فراهم نه ڪئي هئي انهن جا پئسا واپس ڪيا وڃن.