اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي گروهه جي هن ملڪ ۾ ڪيل منفي قدمن جي اونداهي ختم ٿي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته الحمدالله گذريل سالن ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن جي گروهه جي هن ملڪ ۾ ڪيل منفي قدمن جي اونداهي ختم ٿي رهي آهي، طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز جي توهين عدالت ت?? 5 سال نااهلي جي سزا ختم ٿيڻ تي ا??هن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ا??هن اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن ا??هن مصيبتن جي باوجود مسلم ليگ (ن) ۽ قائد ميان محمد نواز شريف جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ ثابت قدم رهيا.